معاشي صورتحال، آباد چيئرمين محسن شيخاڻي احتجاج طور مستعفي

ڪراچي(رپورٽر) آباد جي چيئرمين محسن شيخاڻي معاشي حالتن سبب پنهنجي عهدي تان احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏي آهي،  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  محسن شيخاڻي چيو ته موجوده حالتن ۾ پراجيڪٽن تي ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، محسن شيخاڻي چيو آهي ته معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪاروباري برادري کي اڳتي اچڻو پوندو.

  • عمران خان معيشت جو اهڙو حشر ڪيو جو عوام ڀوڳي پيو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان معيشت جو اهڙو حشر ڪيو جو عوام ان جي قيمت ڀري رهيو آهي، پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي يادداشت ڪمزور آهي، کيس ڪجهه يادگيري ڏيارڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عمران جي دور ۾ وڏي اسڪينڊلز کانسواءِ بدلين ۽  مقررين لاءِ پئسا ورتا ويندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.