حڪومت کي بحران جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت کي چيو ويندو آهي هدايتن تي هلڻو آهي نه ته بحران پيدا ڪنداسين.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ادارا چُپ ڪري ويهن ته ڪو بحران ناهي، اسان عمران خان جي اوقات ڄاڻون ٿا ۽ هو اسان کي سڃاڻي ٿو، اهڙو ڪو مسئلو ناهي.هن چيو ته جيڪڏهن بنا سبب بحران پيش ڪرڻو آهي ته عام ماڻهو کي پيش ڪري ڇڏيو، ملڪ کي بحران ۾ ڪير مبتلا ڪري رهيو آهي کليل ڳالهه ڪرڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کي يونٽي آف ڊمانڊ جي حيثيت حاصل آهي پر حڪومت کي چيو ويندو آهي ته هدايتن تي هلڻو آهي نه ته بحران پيدا ڪري ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.