معيشت جو برو حال، سياسي استحڪام لاءِ سينئر صحافي به سرگرم

اسلام آباد(م ڊ) ڪمزور معيشت جي پيش نظر ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ پاران غيرجانبداراڻي مداخلت جي خبرن کانپوءِ سياسي منظرنامي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوششن ۾ تيزي ايندي پئي وڃي،هڪ پاسي عدالتي سطح تي پنجاب ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ جي حوالي سان  پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ٻئي پاسي سول سوسائٽي پاران به سياستدانن کي پنهنجا اختلاف طئي ڪرڻ جا مشورا ڏنا پيا وڃن، ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي تجزئي نگار مجيب الرحمان شامي چيو ته عمران خان سان ملاقات ۾ ادارن جي حدن جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيون هيون، موجوده مشڪل حالتن ۾ جنهن شخص يا اداري کي ملڪ جو مفاد عزيز هوندو اهو حالتن جي  بهتري لاءِ ضرور ڪردار ادا ڪندو، موجوده بحران مان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، سڀ لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهن مسئلن جو حل افهام تفهيم سان ڪڍڻ گهرجي، هن تصديق ڪندي چيو ته حڪومت سان ڳالهين جي ڏس ۾ عمران خان جا خدشا ته هئا پر هن اليڪشن، معيشت جي بحالي ۽ ادارن جي آئيني ڪردار جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ تي ته راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، پر هو احتساب وغيره جي معامل تي ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهي، هن چيو ته هو ان ڏس ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻين سياسي جماعتن جي قيادت سان گڏجي ويهي اها ئي درخواست ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، اسان کي ڪنهن کي حڪومت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ناهي ڪرڻي، بلڪه حڪومت ڏانهن ويندڙ رستي جو گڏجي ويهي تعين ڪرڻو آهي، ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هڪ تڪراري اسٽيبلشمينٽ به اصلاح احوال ۾ ڪا ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، مجيب شامي چيو ته انهن جو ڪم اهي ڄاڻين، اسان هڪ ذميوار شهري طور پاڪستان جي مشڪل حالتن ۾ بهتري جو رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.