ڪجهه هفتن ۾ بي يقيني صورتحال گهٽجي ويندي، رپئي جي اگهه ۾ بهتري ايندي: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر مرتضيٰ سيد چيو آهي ته مارڪيٽ مان بي يقيني واري صورتحال گهٽ ٿيندي ئي رپئي جي اگهه ۾ واپس بهتري اچي ويندي، هن چيو ته ڪجهه هفتن ۾ مارڪيٽ ۾ غير ضروري بي يقيني واري صورتحال گهٽجي ويندي، پنهنجي هڪ بيان ۾ وقتي گورنر چيو ته پاڪستان مالي سال 2023 ۾ فنڊنگ ضرورت پوري ڪندو، جڏهن ته 2023ع ۾ پاڪستان کي 33 ارب 50 ڪروڙ ڊالرز جي پرڏيهي فنڊنگ جي ضرورت پوندي، هن چيو ته گذريل هفتي رپئي جي اگهه ۾ لاٿ معمول کان وڌيڪ رهي، اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مارڪيٽ ۾ غير ضروري بي يقيني گهٽجي ويندي.هن چيو ته دنيا جي ڪيترين ئي مارڪيٽن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ حالتن جي حساب سان مارڪيٽ بهتر  آهي، پاڪستان جو پرڏيهي قرض ڪيترين ئي معيشيتن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.