پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندڙ ٻيهر ملڪ متحد ڪيو: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندڙن هڪ دفعو ٻيهر  اندرئين دشمنن جي شڪار پاڪستان کي متحد ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته اڄ هر ماڻهو زرداري زنده باد جا نعرا لڳائي رهيو آهي، فخر ان ڳالهه تي آهي ته پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندڙ اڄ هڪ دفعو ٻيهر اندرئين دشمنن جو شڪار پاڪستان کي متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چاهي ڪو به وطن پرست سياسي جماعت، شخص يا ادارو  هجي اهو ملڪ خاطر گڏ هوندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان وري مضبوط ٿيو، مهرباني زرداري، هن چيو ته شيخ رشيد سڄي زندگي ضمير فروشي جي سياست ڪئي، پر وري به الزام زرداري تي لڳائي رهيو آهي جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين عمران خان جو ساٿ ڏي ته باضمير ۽ زرداري جو ساٿ ڏي ته غلط.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.