عمران چونڊ سڌارن، معيشت ۽ آرمي چيف مقرري تي ڳالهين لاءِ تيار

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار سهيل وڙائچ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن سڌارن، معيشت ۽ آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، جيو نيوز پروگرام ۾ هن چيو ته ڪالهه عمران خان سان ملاقات ٿي هئي، هن سان ملاقات ۾ ڳالهه ٿي ته سياستدانن ۾ ٽن معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ٽن معاملن ۾ اليڪشن ۽ سڌارا، معاشي ايجنڊا ۽ آرمي چيف جي مقرري شامل آهي، سمورا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن ته سياسي ڳالهين جي راهه هموار ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عمران خان به ڳالهين لاءِ تيار آهي، هو انهن ٽنهي معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، امڪان آهي ته عمران خان صدر مملڪت کي خط لکي ۽ ڳالهيون ڪرائي، ڇو ته سمورا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن ته سياسي جماعتن ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.