ڊبليو ايڇ او منڪي پاڪس کي عالمي هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو

ٽوڪيو(م ڊ) عالمي صحت اداري، ڊبليو ايڇ او، جي هڪ هنگامي ڪميٽي منڪي پاڪس جي موجوده وبا کي عالمي سطح تي خدشي جي  حامل عوامي صحت جي هنگامي صورتحال قرار ڏيڻ يا نه ڏيڻ تي  خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايدهانوم گيبر يوسس ڳالهين جي نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد ڄاڻايل وبا کي هنگامي صورتحال قرار ڏنو، هن چيو ته منڪي پاڪس جو 70 ملڪن ۾ پکڙجڻ هڪ غيرمعمولي صورتحال آهي، تنهنڪري هاڻي ان بيماري کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏيڻ اڻٽر ٿي ويو آهي، هاڻي مرض جو پکيڙ روڪڻ ۽ ان جي علاج بابت تحقيق تي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.