ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ سرڪاري زمين تي جعلي سوسائٽي ٺاهي شهرين سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار آدم جوکيو جي وڪيل بئريسٽر حق نواز ٽالپر پيش ٿيو، هن درخواست داخل ڪندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ عدالت کي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار نه آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .نيب جي وڪيل پاران چيوويو ته جوابدارن شهرين سان 3ارب کان وڌيڪ فراڊ ڪيو، ريفرنس ۾ آدم جوکيو سميت ٻيا شامل آهن .