پنجاب جي وڏي وزير جي معاملي تي چيف جسٽس فل ڪورٽ بئنچ جوڙي: حڪمران اتحاد

اسلام  آباد(بيورو+م ڊ) حڪمران اتحاد عمران خان جي الزامن ۽ تنقيد تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيف جسٽس پاڪستان کان  پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت داخل درخواستن تي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حڪمران اتحاد طرفان جاري ڪيل گڏيل گڏيل پڌرائي ۾  چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري، سپريم ڪورٽ جي نظرثاني درخواست، موجودا درخواست ۽ ٻين لاڳاپيل درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته  هي انتهائي اهم، قومي، سياسي ۽ آئيني معاملا آهن.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ مقننه، عدليا ۽ انتظاميا جي اختيارين جي واضح لڪير ڪڍيل آهي، عمران خان اها لڪير ڊاهڻ گهري ٿو.پڌرائي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته عمران خان ملڪ جي آئين، عوام جي حڪمراني واري حق،  جمهوري نظام جو معيشت وانگر ڏيوالو ڪرڻ چاهي ٿو ، سندس سوچ ۽ رويو پاڪستان جي رياستي نظام لاءِ اڏوهي بڻجي چڪو .حڪمران اتحاد عزم ڪيو ته آئين، جهموريت ۽ عوام جي حڪمراني واري حق ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.گڏيل پڌرائي ڄاڻايو ويو آهي ته هر فورم ۽ ميدان تي سمورين اتحادي پارٽيون گڏجي اڳتي وڌنديون ۽ فسطائيت جي ڪارين اونداهين جو ڄمي مقابلو ڪنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.