نرم مداخلت يا گرم زمين جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل چيو آهي ته نرم مداخلت يا زمين گرم جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، نرم مداخلت جو بيان ٽرڪ  جي بتي پٺيان لڳائڻ آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حمزا شهباز کي پنجاب جو عبوري وزيراعليٰ بڻايو ويو، نرم مداخلت جي حوالي سان خبرون سامهون آيون آهن، عمران خان وزيراعظم هو ته ملڪ صحيح رخ ۾ هلي رهيو هو، هن چيو ته عمران خان جي نيوٽرل سان تفصيلي ڳالهه ٿي ، انهن سان شوڪت ترين معيشت تي ڳالهايو، پر حڪومت هٽائي وئي، هن چيو ته عمران خان خلاف ملڪ جون سموريون سياسي طاقتون  گڏ ٿي ويون،ايڪس ، واءِ، زيڊ جي ڪلڪيوليشن کان وڌيڪ قوم جي ڪيلڪيوشن جي اهميت آهي، هن چيو ته حمزا شهباز چوري سان چونڊون کٽيون، ڊپٽي اسپيڪر قرآن تي حلف ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق فيصلو ڏيندس، اميد ڪريان ٿو ته سومر کان اڳتي ڳالهه نه ويندي، فيصلو واضح ڪيو ويندو، هن سوال اٿاريو ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻيون هيون ته عمران خان جي چوڻ وقت ڇو نه ڪرايون؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.