ڌڪو ڏيڻ واري اليڪشن نه وڙهنداسين: طلال چوڌري

لاهور(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته سياسي جماعتون اهڙي ڪا به اليڪشن نه وڙهنديون جنهن ۾ انهن کي ڌڪيو  وڃي،  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان کي مجبور ڪيو ويو ته عمران خان کي ان جي زبان ۾ جواب ڏنو وڃي، عمران خان ادارن کي ڌمڪائي من پسند فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي،هن چيو ته عمران خان کي معاملو حل ڪرڻو آهي ته پارليامينٽ اندر حل ٿيندو، هن نيب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، هن جي شر کان ڪهڙو ادارو محفوظ آهي؟ اسان جي سياست کي ڌڪو ڏئي کوهه ۾ ڪيرايو پيو وڃي، عمران خان جو مقابلو هاڻي نئين مسلم ليگ ن سان هوندو، ٿڦ هڻندو ته مڪ هنئي ويندي، ڪهڙو لاڏلو پلس آهي جيڪو اپوزيشن ۾ رهي به انهن جي اکين جو تارو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.