حڪومت پاران عمران خان سان مشروط ڳالهين کان انڪار

لاهور (بيورو+م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي  ته نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج اسان جا ڪيس نه ٻڌن.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چيف جسٽس اسان لاءِ به انصاف جو معيار ٺيڪ ڪري، اپيل آهي ته اسان جي ڪيس فل بئنچ ٻڌي، ماضي ۾ نواز شريف سميت ن ليگ قيادت کي سزا ٻڌائيندڙ جج اسان جي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچن ۾ ويٺا آهن، ان سان عدالتي روايتن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي، ن ڪيسن ۾ ن ليگ ڌر آهي، انهن ۾ اهي جج نه ويهن يا وري فل ڪورٽ انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري ته جيئن انصاف ٿيندو نظر اچي.هن چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته عدالتن جو احترام ڪيو وڃي پر ڪالهه انهن سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران گوڙ ڪيو، عمران خان جي غنڊن سپريم ڪورٽ جون ڀتيون ٽپيون ۽ زبردستي آفيسن ۾ داخل ٿيا پر لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪا شڪايت نه ڏني وئي.سندس چوڻ هو ته عمران خان چونڊون کٽي به اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏيندو آهي ۽ ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي، ان جي ڪنهن به ڳالهه تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، عمران نيازي قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ ورهائي رهيو آهي.هوڌانهن  وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته ڳالهين جا حامي رهيا آهيون پر مشروط ڳالهين تي اتحاد اتفاق نه ڪندو، هڪ خانگي ٽ وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناالله چيو ته وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس ٻڌندڙ بئنچ مان انصاف جي اميد نه آهي، فل بئنچ جوڙڻ لا3 درخواست داخل ڪنداسين، هن چيو ته ججن جي فيصلن تي قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، ججن خلاف ڪارروائي جا هميشا مخالف رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.