رياست بلوچن کي چٿڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي: بي اين پي

تربت / پنجگور (م ڊ) بلوچستان پارٽي پارٽي بي اين پي ڪيچ پاران زيارت واقعي خلاف تربت جي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 74 سالن کان بلوچن سان ظم ٿي رهيو آهي، جيڪو اڄ به جاري آهي، هينئر رياست مڪمل طور تي بربريت جو رستو اختيار ڪيو آهي، زيارت ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، لاپتا بلوچن جي عدالت کان مٿانهين قتل جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هنن چيو ته بي اين بي رياستي ظلم خلاف ڪنهن به ريت خاموش نه ويهندي.هنن مطالبو ڪيو ته زيارت واقعي جي قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ هڪ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. ٻئي طرف پنجگور ۾ به بي اين پي پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رياست بلوچن کي ڪچلڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.