سياستدانن کي معيشت جي ڪا به ڳڻتي ناهي: تجزئي نگار

لاهور(م ڊ) تجزئي نگار سلمان غني چيو آهي ته پاڪستان ۾ موجوده حڪومت اچڻ باوجود به بحران ٽرو ناهي بلڪه وڌيو آهي، شرم جي ڳالهه آهي ته معيشت ٺيڪ ڪرڻ بدران هڪ ٻئي تي گارين جي وٺ آهي، هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته اسان جي سياست ۾ اخلاقيات ناهي رهي، تجزئي نگار اياز  امير چيو ته ڪو اهو ته پڇي ته ڊالر کي ڇا ٿي ويو آهي، سياستدان ڄنڊاپٽ ۾ لڳل آهن، معيشت جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، هر ڪو ڪرسي جي ڊوڙ ۾ آهي، ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو ته سياستدانن ۾ ميچوئرٽي ناهي، رياستي اختيارن ۾ خلا نٿو رهي سگهي، پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها انا جي جنگ آهي، پارليامينٽ ۾ جيڪو ٿيو، اصل ۾ فيصلا ته ” ٻاهر “ پيا ٿين، نوازشريف ۽ ٻي ليگي قيادت ڪنهن جي چوڻ تي ٻاهر ويا، هو ته عدالت جي اجازت سان ٻاهر ويا، ڪنهن کين مجبور ڪيو، اڳ ۾ سعودي عرب به معاهدو ڪري ويا، هاڻي به جيڪو ويا اهو سڀني کي خبر آهي، چوڌري شجاعت پارلياماني پارٽي جو حصو ئي ناهي، آئين مطابق هدايتون پارلياماني پارٽي ئي ڏئي سگهي ٿي، هاڻي به سپريم ڪورٽ هڪ اسٽيج اها ايندي جو پاڪستان جي معاشي صورتحال اڃا ايتري خراب ناهي ٿي، پوءِ ته معيشت به بچائي نه سگهبي، هن چيو ته ڀلي پ پ ، ن ليگ هجي يا پي ٽي آءِ اقتصاديات ڪنهن به ترجيح ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.