ڪهڙي سليماني ٽوپي آهي جنهن عمران کي پڪڙ کان آجو رکيو آهي: احسن اقبال

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اها ڪهڙي سليماني ٽوپي آهي جنهن عمران خان کي قانون کان مٿانهون رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جا ميمبر چپٽي وڄائيندي ئي نااهل ٿي ويندا آهن، ڪي پي ڪي ۾ سوشل ميڊيا تي فوج ۽ عدليا خلاف مهم هلائي پئي وڃي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته عمران خان جڏهن به سياست ۾ مار مائيندو آحي ته هو قومي ادارن ۽ سپريم ڪورٽ کي تڪرار ۾ ملوث ڪري پاڻ بيل آئوٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته عمران خان 7 سالن کان هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کان پرڏيهي فنڊنگ ڪيسن ۾ ڪنهن به پڪڙ کان آجو آهي، قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته اها ڪهڙي سليماني ٽوپي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.