پنگريو ڀرسان نينگري سان مبينا لڄالٽ، هڙتال، سوين ماڻهن جو ڌرڻو، ٿاڻي جو گهيرو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) پنگريو ڀرسان ڳوٺ ڊاڀي فارم نينگري سان مبينا لڄالٽ واقعي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف شٽربند هڙتال ڪري سوين ماڻهن ڌرڻو هنيو، واقعي جي ايف آر داخل نه ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف لغاري برادري جي سوين ماڻهن جماعت اسلامي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، سياسي سماجي ۽ پنگريو جي شھرين مولوين حاجي عبدلعزيز لغاري، مخدوم علي اڪبر، اعجاز سمون، عبدالئي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پنگريو ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري شاھ لطيف پريس ڪلب پنگريو اڳيان ڌرڻو ھنيو، انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ نياڻي سان وڏو ظلم ٿيو آھي پر ايس ايڇ او پنگريو جوبدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي، ھنن چيو ته غريب لغارين کي بااثر دٻائي لڄالٽ جو ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاھين ٿا، ھنن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته فورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ايف آر داخل ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ڌرڻو جاري رھندو، مڇريل ماڻهن پنگريو ٿاڻي جي گهيراءَ ڪري سخت نعري بازي ڪئي ۽ پوليس کي جوبدارن جي گرفتاري لاءَ شام 6 بجي تائين الٽيمٽم ڏنو، هنن وڌيڪ چيو ته اگر شام تائين وحشي جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته عوامي ردعمل انتهائي خراب هوندو، ٻئي پاسي ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ۽ ايس ايڇ او پنگريو کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري مٿس ريپ جي ايف آءَ آر داخل ڪئي وڃي، واضع رهي ته هن واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ نه وري ڪا گرفتاري ڪئي ويئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.