ڪوئيٽا ۾ زيارت واقعي خلاف گم ٿيلن جي وارثن جو ڌرڻو

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ زيارت واقعي خلاف گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو ڪالهه ٽئين ڏينهن به وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج جاري  رهيو، ڌرڻي ۾ وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي، بي ايس او، بي ايس او پجار، بلوچ وومين فورم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين مطالبو ڪيو ته زيارت ۾ ڪوڙي مقابلي جي  عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، گم ٿيل سمورن بلوچن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ لاپتا بلوچن کي ڪوڙن مقابلن ۾ نه مارڻ جي خاطري ڪرائي وڃي، ڌرڻي ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، پر ڪالهه ٽئين ڏينهن به وٽن ڪو سرڪاري عملدار لڙي نه آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.