پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ ملڪ کي بند گهٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو: سراج الحق

لاهور (پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته انسانن جي خريد و فروخت ڪندڙ قوم جي قيادت جا اهل ناهن. پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ ملڪ کي بند گلين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، قوم کان معافي گهرن. اسٽيبلشمينٽ به بار بار انهن ئي پارٽين کي ملڪ تي مسلط ڪيو جن وٽ ترقي ۽ سڌاري جي ڪا به ايجنڊا ناهي. نجات جو واحد رستو اسلامي نظام آهي ان کانسواءِ فوجي آمرن جا تجربا به ناڪام ٿيا ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ آيا. ايندڙ سياسي پارٽيون به ناڪام. حڪمرانن جي اخلاقي ساک ختم ٿي وئي آهي، ڪوڙ تي ٻڌل سياست بي نقاب ٿي چڪي آهي.ان چيو ته خرابين بدامني ۽ بربادي جا ذميوار جاگيردار وڏيرا ۽ ڪرپٽ سرمائيدار آهن، جيڪي پارٽيون بدلائي دولت جي زور تي ايوانن ۾ ايندا آهن. ڪرپشن بابت طاقتور ماڻهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي بدقسمتي سان عدالتون به ڦرلٽ تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.پاناما ليڪس ۽ پنڊورا پيپرز ۾ ملوث ماڻهن خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري طاقتور اشرافيه قانون جو مذاق اڏائي رهي آهي. عدالتن جي فيصلن مان لڳي ٿو ته حق ۽ باطل جي بجاءِ ڌرين کي ڪاموڊيٽ ڪيو وڃي ٿو. مهانگائي، بيروزگاري ۽ لوڊشيڊنگ عوام جي ننڊ برباد ڪري ڇڏي آهي. معيشت تباهه ٿي وئي ٿيل آهي ڊالر اڏامندي رهيو آهي.ان وڌيڪ چيو ته قومي معاشي ۽ معيشت جا فيصلا آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي بند ڪمرن ۾ ڪيا ويندا آهن.موجوده ۽ اڳوڻي حڪمرانن ملڪ کي استعمار جي غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو اهي ئي ماڻهو سماج ۾ گار گند جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذميوار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چڪ دره ديرپائين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب اميرخيبرپختونخواه نورالحق امير جماعت اسلامي ضلع مالاڪنڊ مولانا جمال الدين ۽ سلطنت يار ايڊووڪيٽ پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.