ميان صاحب ڀرسان ابدال شاخ کي 80 فوٽ گهارو، پاڻي 5 ڳوٺن ۾ داخل

ميان صاحب/سلطان ڪوٽ (نمائندن وٽان) ميان صاحب ڀرسان ابدال شاخ کي  30 فوٽ گهارو لڳو، جيڪو وڌي 80 فوٽ ٿي ويو، گهاري سبب شاخ ڀرسان پيتل ٻرڙو، فيض محمد ٻرڙو ۽ چنا ڳوٺ سميت 5 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو.اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جو ڪو به عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتو،  ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪاٺيون ۽ پلال کڻي گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته شاخ ۾ پاڻي گهٽائڻ لاءِ ڳوٺاڻن پاڻ بيگاري ڪئنال کان ابدال شاخ جا گيٽ بند ڪري ورتا.هوڏانهن ڳوٺاڻن آبپاشي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، خالد ٻرڙو، شوڪت ٻرڙو، معشوق ٻرڙو ۽ ٻين دانهيو ته گهاري سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ سوين جريب ساريالو فصل لڙهي ويو، جنهن سان اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد گهارو بند ڪري ورتو. ٻئي طرف ابدال شاخ کي لڳل گهاري سبب همايون گرڊ اسٽيشن مان هلندڙ ميان صاحب فيڊر لائين جا 3 پول ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ميان صاحب شهر سميت 200 ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.