وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ غفار ميرجت حملي ۾ زخمي

وارھ (ن ع آ) وارهه جي وارڊ نمبر 10خان محمد ميرجت محلي ۾ برساتي پاڻي ڪڍڻ تان جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري  غفار ميرجت تي هٿياربندن حملو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو.زخمي غفارميرجت عوامي آواز کي ٻڌايو ته گهٽين مان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جنريٽر آندو، پاڙي وارن جي شڪايت تي مون کين مک گهٽي مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ چيو، جنهن  تي ممتاز خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، جلال ۽ حبدار ڏنڊن سان حملو ڪيو. ، آئون اڪيلو ھئس، بعد ۾ محلي واسي وچ ۾ پئجي ويا.هوڏانهن وارهه ٿاڻي تي غفار ميرجت جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.