نوابشاهه ۾ سنڌ شاگرد سڀا طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) سنڌ شاگرد سڀا پاران سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري خلاف نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انھي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جانب وساڻ، بابر ڏاھري، جسقم جي اڳواڻن حنان عباسي، حسن کوکر، ڪاشف لاکو، فرحان کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر لکن جي تعداد ۾ ڌارين جي آبادڪاري منطم انداز سان ٿي رھي آھي، جيڪا ڌاري آبادڪاري سنڌ جي ڊيموگرافي کي تباھ پئي ڪري، تنھن تباھي جي ذمري ۾ سنڌ جو ڪراچي شھر، ڪوھستان جي جابلو پٽي ۾ ڊي ايڇ ۽ بحريا ھڪ وڏا مثال آھن.. لکن جي تعداد ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ، سنڌ جي معاشي وسيلن تي پڻ وڏو بار آھن. هڪ طرف سنڌ جي معاشي ڦرلٽ ۽ ٻئي طرف ڌاري آبادڪاري جي وزن سنڌ کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا پنهنجا ماڻهو بيروزگاري، بک ۽ بدحالي ۾ خودڪشيون پيا ڪن، ان صورتحال ۾ اسان ڌارين کي پناهه ڏيڻ کان آري آھيون چاھي پو اھا آبادي افغانستان، پختونخواه، بنگال، پنجاب، ميانمار کان آيل ھجي. اھا ڪنھن به صورت ۾ اسان کي قبول ناھي ھنن مطالبو ڪيو تہ سنڌ مان افغاني پٺاڻن سميت ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.