سرمد چانڊيو هڪ ادارو هو، هن شاعري ۾سنڌ کي ڳايو

ڪوٽڙي(ن ع آ) سنڌي ادبي سنگت ضلعي ڄام شوري, بزم غالب ملڪاڻي ۽ سگا  ڪوٽڙي جي گڏيل سهڪار سان نامور شاعر , اديب ۽ محقق سرمد چانڊيو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو اديب ليکڪ عاجز ڏاهري جي صدارت ۾ ٿي گذريو , اسڪالر الطاف ملڪاڻي, سگا اڳواڻ عبدالستار ڀٽو, قاضي بدر  علي گل چانڊيو, ذوالفقار هالا سومرو, اصغر گاڏهي مهمان ۾ شامل ها, ليکڪ محبوب سنڌي چيو آهي سرمد چانڊيو هڪ ادارو هو,جنهن پنهنجي شاعري ۾  سنڌ کي ڳايو آهي, هن محقق جي حيثيت ۾ لطيف,سچل ۽ اياز تي بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. اسڪالر الطاف ملڪاڻي چيو آهي ته سرمد چانڊيو هڪ وڏي شاعر جي حيثيت سان سڃاڻپ ماڻي, شاھ لطيف ناول لکي هن قومي فرض نڀايو آهي,هڪ سگهارو ڪوي قوم کان وڇڙي ويو آهي, قاضي بدر ۽ آفتاب ملڪاڻي چيو آهي سرمد چانڊيو قومي شاعر هو جنهن جي فڪر ۾ انقلاب ملي ٿو, عبدالستار ڀٽو  علي گل چانڊيي چيو ته سرمد چانڊيي سنڌ ادب کي چوڏهن ڪتاب ارپيا,صدارتي خطاب ڪندي اديب ليکڪ عاجز ڏاهري چيو ته سرمد چانڊيو تي سنڌ ناز ڪندي ڪندي رهندي, هو مئو ناهي امر ٿيو آهي, سندس فڪر ۾ هن کي نئين حياتي ملي آ  سرمد سنڌ سان وفا نڀائي ,تقريب کي ليکڪ اصغر گاڏهي, ذوالفقار هالا سومرو, روشن ڏيپر,مير گوپانگ, رمضان لاهوتي ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته قمر لطيفي , نياز علي خاصخلي, اشفاق جانوري ۽ پيار علي پيار قومي گيت ڳائي سرمد چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.