ميرپورماٿيلو(ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو سفاري پارڪ لڳ بيٺل ٽرڪ کي رڪشي جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سرحد واسي رڪشا ڊرائيور سراج ملڪ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتي رڪشا ڊرائيور جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.