المنظر ڀرسان وهنجندي 2 ڄڻا ٻڏي ويا، ڳولا باوجود لاش هٿ نه آيا

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو المنظر وٽ ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جا رهواسي  ٻه ڄڻا فوت ٿيا ويا آهن جن جي سڃاڻپ 50 ورهين جو لياقت اعواڻ ۽ 15 ورهين جو ثناالله پٽ انور علي سومرو ٿي آهي.  جڏهن ته فوتين جي لاشن جي ڳولا مقامي ٽوٻن ذريعي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪرڻ باوجود لاش ناهن ملي سگهيا, هوڏانهن ٻڏي فوت ٿي ويلن جو اطلاح ملڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو, جڏهن تي لاشن جي ڳولا لاء ٻڏي ويلن جي مائٽن ۽ لمس ڪالوني جي رهواسين جو وڏو تحداد المنظر ڪي بي فيڊر وٽ پڻ پهچي ويو, جڏهن ته آخري اطلاح تائين ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري رهي.

  • سنڌ سڀا پاران ڄامشورو ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ سنڌ شاگرد سڀا مرڪز جي سڏ تي قومي ڪارڪنن پاران ڌارين افغانين، برمي، بنگالين ۽ انڊين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارين لاء ريلي ڪڍي ڄامشوري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن نويد ڪاڪيپوٽو، واجد سنڌي، شڪيل چاچڙ جو چوڻ هو ته سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي،  لکن جي تعداد ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ سبب سنڌ جي معاشي وسيلن تي پڻ وڏو بار آهن هڪ طرف سنڌ جي معاشي ڦرلٽ ۽ ٻئي طرف ڌاري آبادڪاري جي وزن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اسان جا پنهنجا ماڻھو بيروزگاري، بک، ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڌاريا افغاني سنڌ ۾ بدماشي ڪندي سنڌي نوجوانن کي مختلف بهانن سان قتل ڪندا رهن ٿا، بلال ڪاڪا جو قتل قوم اڳيان آهي، مطالبو ڪريون ٿا ته بلال ڪاڪا جي قاتلن کي ڦاهي چاڙهيو وڃي ۽ سمورن پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

  •   اڳڙا ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش،مزاحمت تي نوجوان زخمي

اڳڙا (ن ع آ) اڳڙا ڀرسان محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد مان ڦورون عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سج لهڻ سان ئي ڏو  هاري روڊن تي نڪري اچن ٿا هر اچڻ وڃڻ واري ماڻهو کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڦر ڪن ٿا اڄ نوجوان ارشادبهليم کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . نوجوان طرفا مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن ارشاد بهليم کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري وڌو زخمي نوجوان ارشاد بهليم کي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڳوٺاڻن محبوب ڪلهوڙو پوليس خلاف خيرپور لاڙڪاڻي باءپاس بند ڪري احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او محڪم دين سيال ڏوهارين جو ساٿاري بڻيل آهي هو هٿ سان ڏوھ ڪرائي رهيو آهي جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سڀ ٿيل ڏوهه واپس ڪرايا وڃن.

  • ڇاڇرو ڀرسان پرڻيل ناري جو کوهه مان لاش هٿ

ڇاڇرو (رپورٽ يعقوب بجير) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڀونهار ۾ ٻه مهينا اڳ پرڻيل 22 ورهين جي نوجوان ناري ڪمالي زال علي محمد راهمون جو پاڙي جي کوه مان لاش هٿ آيو آهي ڳوٺاڻن ۽ وارثن جي اطلاع تي حد جي پوليس پوسٽ مبارڪ رند جي پوليس پهچي ناري جو لاش کوه مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڇاڇرو تعلقي اسپتال  پهچايو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ مٺي روانو ڪيو ويو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي.  ته ناري جي موت جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ وارثن ناري جو دماغي توازن درست نه هئڻ جو بيان ڏنو آهي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن ذريعن پاران مليل ڄاڻ موجب ناري گهريلو پريشانين سبب انتهائي قد کنيو آهي.

  • نيو سعيد آباد ۾ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي سبب ٻارڙو فوت،احتجاج

نيوسعيد آباد( ن ع آ) سول اسپتال نيو سعيد آباد ۾ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي ۽ علاج ڪرڻ ۾ٽال مٽول ڪرڻ سبب ٻن سالن جو ٻارڙو رحمان ولد جمن ڪيريو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جنهن بعدفوتي نينگر جي وارثن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي  مٽياري جي صدر غلام مصطفيٰ رند سميت سوين شهرين پاران پراڻي قومي شاهراهه تي اسپتال سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران اسپتال جي ايم ايس ۽ٻئي عملي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، معصوم ٻار رحمان ڪيريو جو لاش سندس پيءُ جمن ڪيريو هنج ۾کڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو ته سوين شهري ۽سياسي ڪارڪن به احتجاج ۾شامل ٿي ويا، معصوم نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته ٽن، چئن ڪلاڪن تائين ٻارڙو اسپتال ۾تيز بخار سبب تڙپندو رهيو پر ڊاڪٽرن سندس علاج نه ڪيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ غلام مصطفيٰ رند مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال صرف نالي ماتر اسپتال آهي جتي مريضن لاءِ ڪي به علاج جون سهولتون ناهن توڙي عملو به ناهي، هن چيو ته تڪ جي جي چونڊيل نمائندن جي مجرماڻي خاموشي سبب اسپتال گذريل 15 سالن کان اسپتال کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي پر هتي رورل هيلٿ سينٽر جيتريون به سهولتون نه هئڻ برابر آهن جنهن سبب اسپتال انسانن لاءِ ڪوس گهر بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ۾ملوث اسپتال جي ايم ايس ۽ٻئي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،

  • حيدرآباد ۾گهر اڳيان ڪار بيهارڻ تان جهيڙو، 8 ڄڻا رتو رت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر ٻاهران ڪار بيهارڻ تان بروهي ۽ سولنگي برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نسيم نگر جي علائقي روينيو ڪالوني ۾ ايس ايڇ او گهارو ممتاز بروهي جي گهر اڳيان ڪار بيهارڻ تان سولنگي ۽ بروهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ پڻ ٿي جڏهن ته ڏنڊن  ۽ سروٽن جو استعمال ڪيو ويو. جنهن سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. واقعي واري هنڌان 7 ڄڻن کي گرفتار سولنگي پڻ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمين ۾ انور ڪيريو, علي حيدر چانڊيو, صالح جکراڻي, اعجاز ٽالپر, منور سولنگي, نذير سولنگي, بشير ۽ عارف سولنگي شامل آهن..  ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ايس ايڇ او نسيم نگر الهڏنو پنهور جي موجودگي ۾ به هڪ ٻئي کي لٺيون ۽ سروٽا هنيا. ايس ايڇ او جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ کين منٿون ڪندو رهيو. پوليس موجب سولنگي ڌر جي هڪ شخص ايس ايڇ او گهارو جي گهر آڏو ڪار بيهاري هئي جنهن کي انهن گاڏي هٽائڻ جو چيو ان دوران ڌرين ۾ منهن ماري ۽ گارگند بعد جهيڙو ٿيو. سولنگي ڌر جي فائرنگ دوران زاهد باجاري نالي شخص جي ڪار جا شيشا به ٽٽي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.