سرهاڙي ۾دڪان تان ڦر خلاف جمالي برادري جو احتجاج، شٽر بند هڙتال

سرهاڙي (ن ع آ ) سرهاڙي ۾ گذريل ڏينهن شھر جي نوابشاه روڊ تان جمالي برادري  جي دڪان تان ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جمالي برادري جي معزز شخصيت ڊاڪٽر علي خان جمالي، سڪندر خان جمالي، ظفرالله جمالي، زاهد خان جمالي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پاران احتجاجن شھر بند ڪرائڻ بعد ٿاڻي اڳيان شھدادپور سانگهڙ روڊ تي رڪاوٽون وجهي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب روڊ جي ٻنهين پاسن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيهي ويون، مظاهرين ڊاڪٽر علي خان جمالي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گذريل ڏينهن ذاڪر جمالي جي دڪان تان ڦر ڪندڙ جوابدار هن مهل تائين پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ ايس ايڇ او سميت ڪو بهہ پوليس اهلڪار ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو تہ اسان سان ٿيل ناجائيزي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي، مسلسل ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد سرهاڙي پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ويون، جنهن بعد ذاڪر جمالي جي فرياد تي بروهي برادري جي چئن ڄڻن خيرالدين، نبي داد، محمد اعظم ۽ لعل محمد بروهي مٿان جهيڙي، دڪان ۾ ڀڃ ڊاھ ۽ 47 هزار ڦر ڪرڻ جي ايف آئي آر داخل ڪري هڪ جوابدار نبي داد بروهي کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد روڊ کوليو ويو ۽ ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌُر ڳوٺ حاجي عبدالحليم بروهي جي رهواسين گل بدين بروهي، نظام الدين بروهي، خيرالدين بروهي، عبدالطيف بروهي ۽ ٻين سخت احتجاج بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو تہ ڳوٺ ماڻو خان جمالي جي رهواسي شاهنواز جمالي جنهن فيس بڪ جون فيڪ آئيڊيون  ٺاهي اسانجي 15 سالا ڇوڪري نظام الدين جي خلاف غلط ڪريل قسم جون پوسٽون هلائندو رهيو ۽ گارگند وارو ميسج ڪندو هو ايتري تائين جو اسانجي ڇوڪري جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بہ مشڪل ٿي ويو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.