ڀرياروڊ واسي سيپڪو جي آزار کان بيزار، روڊن تي نڪري آيا، ٽائر ساڙي ڌرڻو

ڀرياسٽي ( ن ع آ) ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن روڊ تي  محمد عثمان مهر ، وحيد چوهاڻ ، فهيم ملڪ ، اعظم ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته  چار دفعا  ساڳيو ريلوي اسٽيشن وارو ٽرانسفاررمر چندو ڪري  ٺهرايو آهي،  واپڊ عملي جي نااهلي  سبب  وري سڙي ٿو وڃي۔ اسان بار بار ڀرياروڊ سيپڪو عملدارن کي آگاهه ڪيوآهي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته مين اسٽيشن روڊ ۔شاهي بازار جا دوڪاندار۽ رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ اسان جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن۔ ان کان علاوه پوري شهر ۾ غير اعلانيا هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي ،خدارا ٽرانسفارمر تبديل ڪري لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي ته جيئن دوڪاندار ڪاروبار ڪري سگھن ۽ ايس ڊي او کي فورن هٽايو وڃي  نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.