واهي پانڌي ۾ جمالي برادري پاران پوليس جي ڏاڍ خلاف ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ۾ جمالي برادري جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن حاجي محمد جمالي، شريف جمالي، شاہ ڏنو، منظور جمالي ۽ ٻين چيو ته لاشاري برادري جا بااثر نياز لاشاري، مراد لاشاري وارا هٿيارن جي زور تي اسان جو ٽريڪٽر ڪاهي ويا آهن پر ٿاڻي تي بار بار اچڻ باوجود واهي پانڌي ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي بعد ۾ هنن گورک چونڪ تي شاميانو هڻي ڇهن ڪلاڪ تائين احتجاج جاري رهيو هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نااهل ايس ايڇ او کي هٽائي ان جي جاءِ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.