يوسف ڳوٺ واسين جو ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڌرڻو

حب(ن ع آ) ڪي اليڪٽرڪ مافيا خلاف يوسف ڳوٺ ٽرمينل ويجهو حب ريور روڊ ۽ نادرن باءِ پاس روڊ يوسف ڳوٺ جي عوام بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ پاران ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو، اڳواڻڻ چيو ته ڳرا بل ۽ مٿان کان نوان نوان ٽيڪس لڳائي ڪي اليڪٽرڪ پاران موڪليا پيا وڃن، بجلي ۽ پاڻي نه هئڻ برابر آهي، هنن چيو ته تازين برساتن سان حب ڊيم ڀرجي ويو آهي، پاڻي اوور فلوهئڻ ڪري سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، پر يوسف ڳوٺ جو عوام پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيو آهي، ڌرڻي سبب آر سي ڊي هاءِ وي ۽ نادرن باءِ پاس روڊ مڪمل بند ٿي ويو، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ايس ايڇ او موچڪو ۽ ايس ايڇ او سعيد آباد واقعي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري روڊ بحال ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.