لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ناري مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گهرواڻبڻت تان نوجوان ناري مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي  رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي رهواسڻ 22 سالن جي نوجوان ناري فرزانه گهرو اڻبڻت تان گهر اندر پکي ۾ مبينا طور رسو ڳچي ۾ وجهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ ناري جي وارثن سندس جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران ناري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ناري جي وارثن جو چوڻ هيو ته اسان کي ڪائي خبر نه آهي ته فرزانه خودڪشي ڇو ڪئي آهي، جيئن ئي اسان لاش ڏٺوسين ته کڻائي اسپتال آندو آهي. هوڏانهن مبينا خودڪشي ڪندڙ ناري جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رحمت پور صحافين کي ٻڌايو ته ڦاهو کائيندڙ فرزانه عمراڻي پنهنجي امڙ سان صبح جو رشتيداري جي معاملي تان تلخ ڪلامي ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ ناري ڪمري ۾ وڃي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.