برسات ۽ خراب موسم سبب ريل گاڏين جو شيڊيول سخت متاثر

روھڙي(ن ع آ)ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ تيز برسات ۽ خراب موسم سبب مسافر ٽرينن جو متاثر شيڊول معمول تي نه اچي سگهيو  ۽ ڪراچي، پشاور، راولپنڊي، ملتان  ۽ حويليان کان هلندڙ اڪثر مسافر ٽرينون اڃا به ڪيترائي ڪلاڪ دير سان هلي رهيون آهن..  ان سلسلي ۾ ريلوي کاتي طرفان مليل ڄاڻ موجب گذريل ڏينهن ڪراچي کان ايندڙ اڪثر مسافر ٽرينون پنهنجي منزلن ڏانهن روانيون ٿيون.11 ھزارا ايڪسپريس ڪراچي کان حوليان.5:50 تي ڪراچي سٽي کان روانگي ٿيندي،27 شاليمار ايڪسپريس ڪراچي کان لاهور 6:00 بجي،151 شاھ لطيف ايڪسپريس منھنجي مقرر وقت تي صبح جو 7:00 بجي ڪراچي کان ميرپور خاص،13 عوامي ايڪسپريس ڪراچي ڪينٽ کان صبح 7:00 تي پشاور لاءِ پنهنجي مقرر وقت تي صبح 7:00 بجي،47 رحمان بابا ڪراچي کان پشاور لاءِ صبح 10:00 بجي، 45 پاڪستان ايڪسپريس ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ 1:00 بجي کان بدران 01:45 بجي،9 علامه اقبال ايڪسپريس ڪراچي کان سيالڪوٽ لاءِ 02:00 بجي،41 قراقرم ايڪسپريس 03:30 کان  بدران شام جو 05:45 تي. ڪراچي کان لاهور. 149مهراڻ ايڪسپريس 03:55 پنھنجي مقرر وقت تي ڪراچي سٽي کان ميرپور خاص تائين،33 پاڪ بزنس ايڪسپريس 04:00 کان بدران 4:45 تي ڪراچي کان لاهور ،15ڪراچي ايڪسپريس 04:30 پنھنجي مقرر وقت تي ڪراچي کان لاهور،17ملت ايڪسپريس 05:00 ڪراچي کان لالا موسي، 25 ذڪريا ايڪسپريس 5:30 پنھنجي مقرر وقت تي ڪراچي سٽي کان ملتان تائين،3 بولان ميل 6:00 پنھنجي مقرر وقت تي ڪراچي سٽي کان ڪوئٽه تائين43شاهه حسين ايڪسپريس 07:30 کان بدران 9:15بجي ڪراچي کان لاهور لاءِ مقرر وقت تي 37 فريد ايڪسپريس 07:30 تي ڪراچي سٽي کان لاهور پنھنجي مقرر وقت تي، 35 سرسيد ايڪسپريس رات 09:00 بجي ڪراچي کان راولپنڊي پنهنجي مقرر وقت تي. 5 گرين لائين رات جو 10:00وڳي ڪراچي کان اسلام آباد پنھنجي مقرر وقت تي.1خيبر ميل 10:15 کان بدران رات جو 12:00 وگي ڪراچي کان پشاور، دير سبب ڪراچي، راولپنڊي، فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ ۽ ٻين شهرن کان ايندڙ اڪثر مسافر ٽرينون روهڙي اسٽيشن تي ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهچن ٿيون، جنهن سبب مسافر روهڙي پهچي رهيا آهن. آهن اسٽيشن ۽ دير سان ٽرين مسافرن کي پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ پريشاني ۽ دير جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان حوالي سان ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرينن جي ٽريفڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽرينون مقرر وقت تي هلڻ شروع ڪيون وينديون

  • سکر ۾ پٽن جي زيادتين خلاف رٽائرڊ استاد جو احتجاج

سکر (رپورٽر) سکر ۾ پٽن جي زيادتين خلاف ايوب گيٽ واسي رٽائرڊ استاد يعقوب سومرو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته هن جا پٽ احسن، نويد، نعيم، فياض ۽ صفدر نافرمان ٿي ويا آهن ۽ ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ منهنجون ٻه جڳهون هنن ڪرائي تي ڏئي ڇڏيون آهن،.  روڪڻ تي هنن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهر کان ڪڍي ڇڏيو ۽ شڪايت ڪرڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • سکر ۾ڪٺ، مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق

سکر(رپورٽر) سکر جي يوسي 11  نيو پنڊ جي رهواسين علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ کوسا هائوس تي ڪٺ گهرايو، جنهن ۾ رفيق کوسو، صدام پٺاڻ، ضمير گهڃو، غلام شبير سومرو، زوار خالد، يونس پٺاڻ، ياسين ڪلوڙ، لياقت کوسو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو.  ۽ شهيد بينظير ڀٽو ويلفيئر ايسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ڪٺ ۾گڏيل قرار داد پاس ڪري عزم ڪيو ويو ته علائقي جي صفائي سٿرائي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ امن امان جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ انتظاميا ۽ پوليس سان سهڪار ڪيو ويندو ته جيئن علائقي جو امن بحال رهي سگهي، جڏهن ته علائقي ۾ صحت ۽ تعليم جي فقدان بابت پرزور آواز اٿارڻ بابت پڻ اتفاق ڪيو ويو، ڪٺ ۾ نيو پنڊ جي ايس ايڇ او نويد نواز شيخ کي پڻ گهرايو ويو، جنهن علائقي واسين کي امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ بابت ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

  • سکر ۾ عدالتي پرڻو ڪندڙ جوڙي کي پوليس هيسائڻ لڳي

سکر (رپورٽر) سکر جي علائقي بچل شاهه جي ڳوٺ سعيد آباد واسي غلام حيدر لاشاري قريشي ڳوٺ جي رهواسڻ سونيا ڪلهوڙو سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو. عدالت  ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جوڙي چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان عدالت ۾ نڪاح ڪيو آهي، نڪاح نامو حد جي ٿاڻي تي جمع ڪرايو آهي پر هاڻي خيرپور ۽ سکر جي پوليس اسان جي وارثن سان ملي ڀڳت ڪري هيسائي رهي آهي.  ۽ اسان کي جان محمد ڪلهوڙو، خان محمد ڪلهوڙو، مظهر شاهه، زين شاهه، جبار جنڊان، دلبار جنڊان ۽ ٻين پاران ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي زوردار برسات، فصل ۽ رستا پاڻي هيٺ

ڊگھڙي (ن ع آ)ڊگھڙي شھر ۽ ڀرپاسي گجگوڙ ۽ کنوڻ جي تجلن سان زوردار برسات سبب زندگي بري طرح متاثر ٿي وئي.برسات سبب شهر ۽ ڀرپاسي جا مک لنگهه ۽ مرچن جو فصل  پاڻي هيٺ اچي ويو جڏهن ته بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.