نوشهرو فيروز(ڊ ر ) نوشهرو فيروز شهر جي مئن بازار ۾ چار ھٿيار بند ڦورو سگريٽن جي ايجنسي مالڪ عبدالرشيد ميمڻ جي دڪان تي چڙھيا جتان هٿيارن جي زور تي کانئس 8 لک روپيا ڦر ڪري ديده دليري سان فرار ٿي ويا دڪاندار عبد الرشيد ميمڻ ٻڌايو ته ڦورو بنا نقابن جي هئا ۽ هٿيار ڪڍي ڦر ڪئي واقعي جي نوشهرو فيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ويئي آھي. واضح رهي ته اهڙيون وارداتون نوشهرو فيروز ۾ وقت بوقت ٿين پيون پر پوليس ڪابه ڦر واپس ڪرائي نه سگهي آھي. ۽ شهري پوليس ڪردار کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن پيا.