پنوعاقل جي ناريءَ جو مبينا اغوا ڪوشش خلاف سکر ۾ احتجاج

سکر (رپورٽر) پنوعاقل جي ناريءَ مبينا اغوا جي ڪوشش خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي  تي آسيه ڌيءُ الله بچايو چاچڙ پنهنجي ماسي اربيلي سان گڏ صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته مائٽن شاهنواز، حق نواز، محمد علي، غلام قادر، غلام رسول ۽ ٻين ڪجهھ ڏينهن اڳ گهر تي حملو ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا، جنهن جي شڪايت پوليس کي ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ الٽو منهنجي والد تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ پوليس جوابدارن سان ملي ڪري منهنجي والد کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • ڪنڌڪوٽ ڀرسان  نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالواحد گولو ۾ 18 ورهين جي عبدالشڪور پٽ فخر الدين گولو جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو.ڳوٺ ۾ چوٻول آهن ته نوجوان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو آهي.نوجوان جي خودڪشي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان جا گهر ڀاتي رونبي تي ويل هئا ۽ هو گهر ۾ اڪيلو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب نوجوان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

  • روهڙي ڀرسان روڊ حادثو، آءِ بي اي ڪاليج جو شاگرد فوت

روهڙي(ن ع آ)روهڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه جتوئي موڙ ڀرسان ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ميرپورماٿيلي جو رهواسي ڪار سوار نوجوان  غلام مرتضي ميراڻي زخمي ٿي پيو، جنھن کي سکر جي نجي اسپتالنيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سھندي دم ڏنو.دبر پوليس موجب نوجوان سکر آءِ بي اي ڪاليج جو شاگرد هو ۽ گهر کان سکر ڪار تي پنهنجي ڀاءُ سان اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.