حيدرآباد ۾احتجاج دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾جهيڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر پاران ق ليگ جا ووٽ رد ڪرڻ واري معاملي خلاف پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان جي گذريل جمعي جي ڏينهن ڇنڇر جي رات ڏنل احتجاج واري سڏ کانپوءِ حيدرآباد جي علائقي حيدر چوڪ تي پي ٽي آئي جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جنهن دوران پي ٽي آئي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾جهيڙي ٿي پيو. جهيڙي دوران ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي کي لتون ۽ ٺونشا هنيا. جهيڙي جي اطلاع تي سٽي، ڪينٽ، حالي روڊ، مڪي شاهه، جي او آر، فورٽ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس پهچي ٻنهي پارٽين جي جهيڙيندڙ ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي پارٽين جي جهيڙي دوران ڊي ايس پي حالي روڊ شڪيل سولنگي کي به معمولي ڌڪ لڳا هئا. جڏهن ته گذريل ڏينهن پوليس واقعي جو ڪيس پ پ ڪارڪن اسفند مري جي فرياد تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مستنصر بِلا، جمشيد علي شيخ، ڪليم جعفري، شاهد خان عرف شيري، ڪاشف ۽ شاهد سميت ٻين اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو آهي. سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته هو پنهنجي گاڏي تي پنهنجي دوستن ريحان قريشي ۽ شاهه سرواڻ سان گڏ آيو پئي ته حيدر چوڪ تي ريلي ۾ شريڪ مستنصر بِلا ۽ ٻين روڪيو ۽ کيس هٿيارن جي زور تي گاڏي مان لاهي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون به ڏنيون. جهيڙي دوران سندس ڪپڙا ڦاڙيا ويا جنهن بعد هن مشڪل سان دوستن سميت جان ڇڏرائي پاڻ کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.