سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي: صنعان قريشي

حيدرآباد(رپورٽر )جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ سڀاڻي 1 وڳي سکر لب مهراڻ کان سکر گهٽا گهر مين چوڪ تائين جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت جسقم مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ، ريلي نڪرندي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادي معاشي بار هجڻ سان گڏ سنڌ ۾ بدامني، دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جي ماڻهن کي رڳو سنڌ ۾ روزگار جو حق هجي باقي انهن کان ووٽ ڏيڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ، ڊوميسائيل، پي آر سي جون ڏنل سهولتون واپس ورتيون وڃن، هن چيو سنڌ عالمي يتم خانو ناهي تنهن ڪري سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي وڃي، هن چيو ته 24 جولائي تي سکر کان افغانين جي نيڪالي لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪري رهيا آهيون، اهو سلسلو ڪراچي تائين جاري رهندو، سنڌ جي هر شهر چوڪ تي گڏ ٿي ڌارين جي نيڪالي لاءِ سگهاري جدوجهد ڪنداسين. هن حيدرآباد ۾ قتل ڪيل نوجوان بلاول ڪاڪا جي قاتلن کي سزا ڏيڻ جي گهُر ڪندي چيو آهي ته نوجوان جي قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳائي ڪيس جو چالان پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته سڀاڻي(اڄ) سکر ريلي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو ۽ جساف اڳواڻ اشرف ڪلھوڙو ۽ ٻيا خطاب ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.