ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ جي بک هڙتال30 هين ڏينهن ۾ داخل

ميھڙ  (ن ع آ) ميهڙ عوامي تحريڪ پاران ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني۔ چورن ۽ ڦرن وارن واقعن خلاف وڪيل عبدالخالق ٻگهيو ۔ وڪيل نجيب مهيسر ۔منصور چانڊيو سڌير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 30 ڏينھن بہ علامتي بک هڙتال جاري رکي بدامني خلاف امن ڏيو يا استعيفي ڏيو ۔ کپي کپي امن کپي ۔ ٿاڻن تي پاٿاريون بند ڪيو جا زوردار نعره هنيا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 30 ڏينھن کان ھي جدوجھد جاري آھي پر پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو آھي ھنن چيو ته ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آهي ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن ميھڙ پوليس ڏوهارين سان مليل آھي پوليس آفيسر ڏوه ڪرائي ڀنگ تي واپس ڪرائين ٿا ميھڙ ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو آھي پر ايس ايس پي دادو سميت ڪنھن به عملدار نوٽيس ناهي ورتو ھنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي دادو کي ھٽائي ميهڙ ۾ بدامني کي ٻنجو ڏئي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رستم سرگاڻي جي چوري ٿيل ڪار سميت ٻين ٿيل ڏوهن جي واپسي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.