بدين ۾ صحافي تي حملو، دڪان ۾ ڀڃ ڊاهه

بدين (ڊ ر) بدين جي سينيئر صحافي دودو پنهور جي دڪان تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي جڏهن ته صحافي کي پڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر شهرين وچ ۾ اچي جهيڙو ٽاري ڇڏيو. هوڏانهن واقعي خلاف پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرتضيٰ ميمڻ، شوڪت ميمڻ، عبدالمجيد ملاح، سارنگ لطيف جوڻيجو، حسين سومرو، محمد علي بليدي، اشرف عبد االله ميمڻ ۽ ٻين حملي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته صحافي تي حملي جو جوابدار گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.