ڪنري ويجھو چوري شڪ ۾ نوجوان گرفتار، جھيڙو، عورت زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري ويجھو ڳوٺ محمودآباد ۾ ٽي ڏينھن اڳ علي محمد گجر ۽ سليم گجر جي گھران ٿيل چوري معاملي ۾ وليس شڪ جي بنياد تي درس برادري جي نوجوان دادو درس کي گرفتار ڪري ورتو. نوجوان جي گرفتاري بعد درس ۽ گجر برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ٻنھي ڌرين ۾ مبينا طور جيھڙي سبب گجر برادري جي ٻڍڙي عورت نظيران زال مشتاق گجر ڪھاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي متاثر گجر برادري جو چوڻ آھي ته چوري به اسان جي ٿي آھي ۽ ظلم به اسان سان ٿئي پيو، جوابدارن حملو ڪري عورت کي زخمي ڪيو ۽ ھاڻ ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن. ھنن معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف جي گھر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.