لاڙڪاڻي ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي 30 هزار ۽ ٻيو سامان کڻي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد ايئرپورٽ روڊ واري علائقي ۾ قائم اليڪٽرانڪس جي دڪان جي در جا ڪنڊا  گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڀڃي دڪان ۾ پيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع متاثر دڪان مالڪ طرفان حد جي الھه آباد ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر دڪان مالڪ نياز حسين هيسباڻي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات جو 9 وڳي اسان دڪان بند ڪري گهر وياسين، جنهن بعد اڄ صبح جو اچي ڏٺوسين ته دڪان جي در جا ڪنڊا ٽٽل هئا، جنهن مان چور هڪ بيٽري ۽ 30 هزار ڪيش چوري ڪري ويا آهن، جڏهن ته اسان جي گهر جي گذر سفر جو واحد ذريعو هي دڪان آهي، جنهن تي روزگار ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي چورن خلاف ڪاروائي ڪري چوري ٿيل سامان ۽ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي الھ آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ايئرپورٽ روڊ تي چير مشن لڳ نياز حسين هيسباڻي جي دڪان کي نامعلوم دروازي جا ڪنڊا ڀڇي اي ٽي ايم ڪارڊ، هڪ بيٽري ۽ 30 هزار روڪ کڻي ويا آهن. پوليس موجب دڪان مالڪ جا اڍائي لک روپيا دڪان ۾ رکيل هئا، پر اهي . چورن کي هٿ اچي نه سگهيا ۽ اها رقم چوري ٿيڻ کان بچي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.