پنوعاقل جي ڳوٺن ۾۾نادرا جي گاڏيءَ جو گشت

پنوعاقل (ن ع آ) پني عاقل ۾  پيپلز پارٽي جي چونڊيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر حافظ رفيق سومرو عوام جي سھولت لاءِ نادرا جي گاڏي گھرائي ڳوٺاڻن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنا. ان ڏس ۾ عبدالرحمان ڀنگر، بھادر ڊکڻ،سومر ڊکڻ، عبدالمجيد انڍڙ، مکي گجر باگڙي، مينھون انڍڙ، پير احمد سلطان ۽ والو ڊکڻ سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن کي قومي سڃاڻپ  ڪارڊ ٺھرائي ڏنا ويا. ان موقعي تي حافظ رفيق سومرو جو چوڻ ھو ته وس آھر عوام جي ھرممڪن مدد اڳ به ڪئي آهي ۽  ھاڻي به ڪندو رھندس، غريب عوام ۽ بي پھچ ماڻھن جو آواز بڻجي سندن خدمت اسان جو اولين فرض آھي، جيڪو مان حال آھر ڪري رهيو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.