اڏيرولال ۾ پيش امام پاران نينگر سان مسجد اندر بدفعلي، ويڊيو وائرل

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال): اوڏيرولال اسٽيشن جي ريلوي ڪالوني ۾ قائم عزيز مسجد اندر پيش امام خدا بخش ڇٽو پاران 12 سالن جي نينگر  شاهزيب ولد الهجڙيو جسڪاڻي سان بدفعلي واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سياسي سماجي توڙي شهرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، جنهن بعد رهواسين مسجد اڳيان احتجاج ڪيو ۽ بعد ۾ ڪاوڙيل شهري اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي جي صورت ۾ پهتا. شهرين محمد علي عرف لالو ساهووال، فرقان درس، قاسم ساهووال، نزاڪت ساهووال، معشوق جسڪاڻي، اعجاز خشڪ، ساجد حاجاڻو، زبير ساهووال، ديدار خشڪ، عاطف ساهووال ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته مسجد اندر پيش امام پاران جيڪو عمل ڪيو ويو آهي، اهو ناقابل بردداشت ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هنن چيو ته مسجد الله جو گهر آهي، پر جيڪڏهن الله جي گهر ۾ اهڙي قسم جا ڪم ٿين ته اسان کي اهو نٿو سونهين ته اسان پاڻ کي مسلمان سڏرايون. هنن چيو اڳ ۾ به کوڙ ڀيرا ڄاڻايل پيش امام بابت پاڙي وارن شڪايتون ڪيون هيون. هنن چيو ته جمعي جي نماز کان پوءِ ڄاڻايل پيش امام مسجد اندر اهڙو غلط ڪم ڪيو آهي، جنهن اسان مسلمانن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته مسجد جو پيش امام حافظ خدا بخش ڇٽو مسجد جي بحرمتي ڪئي آهي مسجد اندر معصوم نينگر سان بدفعلي ڪئي آهي جنھن واقعي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين. احتجاج کان پوءِ پوليس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي پي ايس اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 2022/23 پي پي سي 295- 377 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. هوڏانهن ايس ايڇ او اڏيرولال اسٽيشن شاهه زمان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ پوليس پاران جوابدار جي گرفتار لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون ويون آهن ۽ جلد جوابدار کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏياري ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.