سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ مبينا اغوا ٿيل نوجوان زاهد بابلي سومرو جي بازيابي لاءِ دڙي موري واسي سومرا برادري جي ماڻهن ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي عبدالغني سومرو، واحد، لياقت ۽ حافظ محمد رحيم سومرو جو چوڻ ھو ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو، خدشو آھي ته نوجوان کي قتل نه ڪيو وڃي. هنن پوليس انتظاميا ۽ ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته نوجوان زاھد سومرو کي بازياب ڪرايو وڃي احتجاج ڪندڙ سومرا برادري سان ايس ايڇ او ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ته نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون ويون آهن، جنهن بعد ڳوٺاڻن احتجاج ختم ڪيو.