راڻيپور لڳ چورن هٿان ڀاڳيو زخمي، اسپتال داخل

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور لڳ واطڻي جي ڳوٺ ۾ گانگھرا پاڙي جي رھواسي بيڪري جو مزدور اختر گانگھرو جي گھر ۾ نامعلوم چور چوري  جي ارادي سان داخل ٿيا ته گھر ڌڻي کي سجاگي ٿي پيو جنھن تي اختر گانگھرو چورن سان مذمت ڪئي جنھن تي چورن فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ اختر شديد زخمي ٿئي پيو زخمي کي علاج لاءِ اسپتال رول ھيلٿ سينٽر راڻيپور نيو ويو جتي فسٽ ايڊ ڏئي گمس گمبٽ رفر ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي باوجود نه پھتي جڏھن ته واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.