بلال ڪاڪا جي قتل ۽ افغان آبادي خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي مظاهرا، ڌرڻا

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف عوامي تحريڪ طرفان سم سور هڏي، مٺي، ڊگهڙي، جهڏو، ننگر پارڪر سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي، مظاهرا ڪيا ويا. سم سورهڏي  ۾ عوامي تحريڪ  جي مرڪزي آرگنائيزر  لال جروار، امير بخش جروار، مهراڻ درس، رازق جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف مظاهرو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان مٺي ۾ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ضلعي آرگنائيزر وڪيل ديوت راءِ، ماجد پسايو، ديال صحرائي، ڪبير ڀيل، امام بخش هنڱورجو، ڪرشن ميگهواڙ، رحمان هنڱورجو، الهبچايو چارو، ڪشور جئپال، سماجي اڳواڻ اڪبر درس، لو لکاڻي، مارو قاسماڻي، ڪريم سميجو، ايڊوڪيٽ لو چنداڻي، وڪيل پرتاب ميگهواڙ  ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي نيشنل بينڪ کان شاهي بازار مان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پروگرام ڪيو جتي اڳواڻن تقريرون ڪيون. جهڏي ۾ عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ مهراڻ درس، اياز کوسو، سنڌي هاري تحريڪ ضلعي اڳواڻ محب ڀيل، رمضان ڪلوئي، ممتاز کوسو، ممتاز جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ عوامي نگر پاڙو جهڏو کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ننگرپارڪر ۾  عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪلتار ميگهواڙ، کينئراج ڪولهي، عالم پاتاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌي عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران پرڏيهي دهشتگردن جو تحفظ ڪندي، انهن خلاف قانوني ڪاروائي کان روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس تي دٻاءُ وجهي رهي آهي. سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس ايس ايس پي اوڀر کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته سهراب ڳوٺ ۾ ٿيل وڳوڙن ۾ افغاني پناهگير شامل آهن، جن سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ پڻ ٺهرايا آهن، اهي پناهگير ڪنهن به واقعي ٿيڻ تي مقامي پٺاڻن سان گڏجي روڊ بلاڪ ڪري، نياڻين کان واليون لاهڻ، پرس ڦرڻ سميت مختلف ڦرن، ڌاڙن ۽ دهشتگردين جون ڪاروايون ڪن ٿا. نادرا وارا پرڏيهي دهشتگردن کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ڀڳڙن مٺ تي ٺاهي ڏئي رهيا آهن، سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪمران اهڙا سنگين ڏوه ڪرڻ تي نادرا خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران نادرا عملي کي پرڏيهين جي سهولتڪاري ڪرڻ لاءِ همٿائي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود سنڌ جا حڪمران غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهي ته سنڌ ۾ ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ دهشتگردي جون ڪاروايون ڪندڙ دهشتگردن کي ملڪ جا حڪمران ئي پالي نپائي ۽ مچائي مواڙ ڪري رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته ملڪ ٺهڻ کانپوء سڄي دنيا کان جيڪي تخريبڪار ماڻهو هئا اهي گهرائي کين سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جهڙي ناپاڪ سازش تي عمل ڪيو ويو آهي. سنڌ جا وڏيرا انهن سڀني ڌارين جا سهولتڪار رهيا آهن. هن وقت به سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن جون وسنديون ڊاهي پئي جڏهن ته افغاني پٺاڻن جون غيرقانوني طور ٺاهيل هاڻوڪين ڪالونين کي پڪو ڪرڻ جو بل پاس ڪيو آهي. عوامي تحريڪ انهي بل کي سنڌ دشمن قدم سمجهي ٿي. سنڌ جو عوام انهي بل کي رد ڪري ٿو. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي اعلي عدليه سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته وڏي تعداد ۾ غيرقانوني طور پرڏيهي جيڪي رهن ٿا انهن کي واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.