ملير ۾ مبينا مقابلو، ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

ملير (ڊ.ر) شاهه لطيف پوليس ڦر جي اطلاع تي شاهه لطيف جي علائقي ۾ ڦوروئن سان مبينا مقابلي دوران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾  گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار جا چار ساٿي فرار، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته شاهه لطيف پوليس ڦر جي اطلاع تي بروقت ڪاروائي، ڦر جي واردات دوران پوليس جي پهچڻ تي ڦوروئن پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس سندن پيڇو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، چار ڄڻا فرار ٿي ويا، جڏهن ته گرفتار جوابدار وٽان شهري کان ڦر ڪيل روڪ رقم هڪ لک روپيه، 2 موبائل فون هٿ ڪري ورتا آهن، هن چيو ته گرفتار جوابدار وٽان هڪ پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ اڪرم عرف بگا ولد عيسيٰ جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار جوابدار پنهنجي فرار ٿيل ساٿين جا نالا اڪبر يوسف عرف يونس ڪانٽا، اظهر، فاروق ۽ هڪ عورت فاطمه ٻڌايا آهن، گرفتار ۽ فرار ٿيل جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي تلاش لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.