مورو ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت

مورو (ن ع آ) مورو شهر جي ٻانڌي روڊ سنڌ ڪالوني ۾ 22 سالا نوجوان جنسار عرف جاني پٽ وڏيرو غلام رسول سولنگي گھر ۾ بجلي ٺاھڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي بيھوش ٿي ويو جنهن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ لاش جون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.