سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو

مٺي(بيوروچيف)مٺي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف احتجاجي ريلي،ڌرڻو،سخت نعريبازي، خبرموجب:سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان مٺي ۾ مرڪزي اڳواڻ وڪيل وسند ٿري،ضلعي آرگنائيزر وڪيل ديوتراء، ماجد پسايو، ديال صحرائي، ڪبير ڀيل، امام بخش ھنڱورجو، ڪرشن ميگھواڙ، رحمان ھنڱورجو، الھبچايو چارو، ڪشور جئپال، سماجي اڳواڻ اڪبر درس، لو لکاڻي، مارو قاسماڻي، ڪريم سميجو، ايڊوڪيٽ لو چنداڻي، وڪيل پرتاب ميگھواڙ  ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن چيو تہ ھن ملڪ ٺھڻ کانپوء سڄي دنيا کان جيڪي تخريبڪار ماڻھو ھئا اھي گھرائي سنڌ ۾ سيٽل ڪري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جھڙي ناپاڪ سازش تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا وڏيرا انھن سڀني ڌارين جا سھوليتڪار رھيا آھن. ھن وقت بہ سنڌ حڪومت سنڌي ماڻھن جون وسنديون ڊاھي پئي جڏھن تہ افغاني پٺاڻن جي ٺاھيل ھاڻوڪين ڪالونين کي پڪو ڪرڻ جو بل پاس ڪيو آھي. عوامي تحريڪ انھي بل کي سنڌ دشمن قدم سمجھي ٿي. سنڌ جو عوام انھي بل کي رد ڪري ٿي. اڳواڻن چيو تہ پاڪستان جي اعلي عدليہ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آھي تہ وڏي تعداد ۾ غيرقانوني افغاني ھتي رھيل آھن انھن کي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي انھي فيصلي تي جلد از جلد عمل ڪيو وڃي. ھتي جيڪي ڌاريا اچن ٿا اھي  منشيات ۽ غير قانوني ھٿيار وڪرو ڪن ٿا. سنڌ جي دل ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترائي نوجوان انھن ڀڳوڙن قتل ڪيا آھن تن مان ھڪڙو قتل بلال ڪاڪا جو پڻ آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.