داد لغاري(ن ع آ)داد لغاري ويجهو ڳوٺ غلام حيدر لغاري جا ڳوٺاڻا ارشد لغاري ,عبدالقدير لغاري ۽ اسد لغاري ۽ ٻيا معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ سميت علائقي جي 9 ڳوٺن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد گئس جو لائينون وڇايون جنهن بعد سوئي صدرن گئس جي آفيسرن جي چوڻ مطابق ڳوٺاڻن گئس جا ميٽر لڳرائڻ لا۽ 700 کان به وڌيڪ گئس جي ڪنيڪشن لا۽ ڊمانڊ ڊرافٽ جا چالان به نيشنل بينڪ ڏهرڪي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ,هڪ سال گذرڻ باوجود سوئي صدرن گئس تعلقه ڏهرڪي جي عملدارن جي سستي سبب ميٽر نه سگهيا آهن هنن چيو ته آفيسر اسان کي روزانو ميٽر لڳائڻ توڙي گئس بحال ڪرڻ جا ٺلها آسرا ڏين ٿا پر هن وقت تائين هڪ به ميٽر نه لڳائي سگهيا آهن هنن چيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر گئس جا ميٽر لڳائي اسان کي گئس نه ڏنو ويو ته اسان زميوار آفيسرن خلاف سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائينداسون ۽ سلسليوار تحريڪ به هلائينداسون.