ڇا سياسي حالتون نين چونڊن ڏانهن وڃن پيون ؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

هن وقت جي سياسي صورتحال کي ڏسندي عام ماڻھو جو سياست تان ويساهه کڄي ويو آ. سياسي فيصلا سياسي ميدان بدران بند ڪمرن ۾ ٿيڻ لڳا آھن. سياسي لاهن چاڙھن ۾ پل پل ٿيندڙ تبديلين جي ڪري ڪا به ڳالهھ ناممڪن ناهي لڳندي. جنهن انداز سان اصولن جو جنازو کنيو پيو وڃي ان لاءِ  به عام ماڻھو پريشان آھي. هر سياسي چرپر کان پوءِ  ڌريون ڪورٽن جا در وڃي کڙڪائن ٿيون. ڪورٽون ڪڏھن رات جو کلن ٿيون ته ڪڏھن وري ڏينهن جو به فيصلا ناهن ڪنديون.

75 سالن جي تاريخ تي نظر گهمايون ته پنجاب هميشه ملڪ جي سياست ۾ فرنٽ سيٽ سنڀالي باقي صوبن کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. شايد هي پهريون دفعو آھي جو پنجاب ۾ وڏو سياسي بحران پيدا ٿي ويو آھي. سياسي ويڙھ جي انت جي ڪا خبر نه ٿي پئي ته آخر ڇا ٿيندو؟ بحراني حالتن کان پوءِ  ھميشه نئين سيٽ اپ جا افواهه گردش ڪندا آھن. هن وقت جي سياسي حالتن کي ڏسندي نئين اليڪشن جون ڳالهيون وري زور پڪڙي ويون آھن.

هڪ ڌر جو خيال آھن ته عمران خان جنهن انداز جي سياست ڪري پيو ان جو واحد حل نيون چونڊون آھن. جيستائين نيون چونڊون نه ٿيون ٿين تيستائين عمران خان جي لفظي گولا باري کان ڪو به محفوظ نه رهندو. سياستدانن کان وٺي ادارن تائين ڪنهن کي بخش نه پيو ڪيو وڃي.ٻي راءِ اها آھي ته جيڪڏھن هن وقت حڪومت نئين اليڪشن جو اعلان ڪري ٿي ته اها سندس سياسي خوڪشي هوندي ڇو ته عمران خان وٽ سازش جي بيانيي سان گڏ مهانگائي وارو اضافي بيانيو به شامل هوندو. ننڍي چونڊن جي شڪست وارو تڙڪو وري الڳ سان آھي. امريڪي خط سان گڏ چوڌري شجاعت وارو خط به شامل ڪيو ويندو.

جئين ته زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي آساني لاءِ  ڪي ضابطا اخلاق جوڙي قائدا قانون ٺاهيا ويندا آھن پر اسان وٽ اخلاقيات کي ڇڏي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ  قانون کي هڪ طرف رکيو ويندو آھي. مهذب معاشري ۾ شور شرابي ڪرڻ کان منع ٿيل آھي ان ڪري گهڻي شور کي ماحولياتي گدلاڻ تصور ڪيو وڃي ٿو جن ۾ گاڏين جا هارن به اچي وڃن ٿا. ايمبولنس فائربرگيڊ پوليس توڙي سڪيورٽي ادارن جي گاڏين کي لڳل سائرن دل دهلائي وجهن ٿا. اخلاقي طور تي بغير ڪنهن مجاز جي سائرن وڄائڻ کان منع ٿيل آھي پر اسان وٽ جنهن انداز سان سائرن جو استعمال ٿئي ٿو ان مان ائين لڳي ٿو ڄڻ ته سڄو ملڪ خطري ۾ گهريل آھي. ڊرائيور حضرات ٻين کي پريشان ڪري سائرن وڄائيندي اڳتي وڌندا رهن ٿا ڪنهن جي مجال ناهي جو انهن کي روڪي پڇن ته خلق کي پريشان ڪري ڪيڏانهن ۽ ڇو پيا وڃو؟  سائرن جي آواز ٻڌڻ کان پوءِ  دل ۾ عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. ڪڏھن ان آواز ۾ درد هوندو آھي ته ڪڏھن وري اميد جو ڪرڻو به نظر ايندو آھي. عام طور تي سائرن ٻڌڻ کان پوءِ  محسوس ٿيندو آھي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا مصيبت اچي وئي آھي ان ڪري اها سائرن واري گاڏي اوڏانهن پئي وڃي. خطري جي علامت بڻيل سائرن واري گاڏي لاءِ  رستا صاف ڪيا ويندا آھن ته جئين اها گاڏي پنهنجي منزل مقصود تي بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي آساني سان پهچي وڃي. ڪجھه سال اڳ جي ڳالھه خلق جي خدمت ڪرڻ جي نالي سان هلندڙ انسان دوست فلاحي تنظيمن جي سائرن وارن گاڏين کي شرپسند ماڻھو جنهن انداز سان پنهنجي مفادن لاءِ  استعمال ڪندا هئا اهي ڳالهيون به هاڻي ڪنهن کان ڳجهيون ناهن رهيون. غير قانوني هٿيارن جي پهچ هجي يا منشيات جي اسمگلنگ سائرن واري گاڏي محفوظ ذريعي طور استعمال ٿيندي رهي آھي. ڪراچي ۾ آپريشن دوران ڪيترن سائرن وارين گاڏين جي ڊرائيور انهن ڳالھين جو اعتراف ڪيو هو ته فلاحي ادارن جي سائرن وارين گاڏين کي ڪيئن غيرقانوني ڪمن لاءِ  استعمال ڪيو ويندو هو.  2010 کان وٺي ملڪي سياست ۾ به هڪ اهڙي ڊرائيور جي انٽري ٿي جنهن جي اچڻ کان پوءِ  اهڙا ته سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا جو قوم جا ڪن پچي پيا پر مجال آھي ڪنهن کيس روڪي ڪڏھن ڪنهن ڪجھ پڇيو هجي؟

2014 کان پوءِ  سندس سائرن وڄائڻ واري انداز ۾ ڪجھ نرالو انداز اچي ويو. هي اهڙو ڊرائيور جنهن جي ڊرائيونگ جو انداز ٻين کان نرالا آھي جنهن جا قائدا قانون به پنهنجا جڙيل آھن جنهن کي اورٽيڪ ڪرڻ لاءِ  کاٻي ساڄي پاسي جي ضرورت ناهي پوندي جنهن کي ڪراس ڪرڻ غداري يا سازش سمجهي ويندي آھي.گاريون ڏيڻ گهٽ وڌ ڳالهائڻ الزام هڻڻ چور چور ۽ جانور چوڻ مطلب ته هر اها ٻولي استعمال ڪرڻ جي کيس کلي ڇوٽ حاصل آھي جنهن جو تصور ڪرڻ عام ماڻھو لاءِ  گناه سمجهيو وڃي ٿو. ان لاڏلي کي اهو اختيار آھي جڏھن چاهي جنهن کي چاهي ان جي مٽي پليت ڪري پر کيس روڪ ٽوڪ وارو ڪو به ناهي.

ڌرڻي جي آخري ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پي ٽي وي جي عمارت تي ڪاھ ڪرڻ جهڙا ڏوھ ڪندڙ خان صاحب لاءِ  عدالتن مان جيڪي فيصلا آيا اهي به سڀني جي سامهون آھن. ادارن خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي پئي وڃي ان تي ادارن جي خاموشي سمجهھ کان ٻاهر آھي. ان جي جاءِ تي جڏھن مريم نواز  تقريرون ڪيون ته مسجدن مان حب الاوطني جون صدائون بلند ٿيڻ شروع ٿيون. آصف زرداري جڏھن ٽن سالن جي ڳالھه ڪئي ته کيس ڄڻ نظر بند ڪيو ويو. آخر اهو ڊوميسائيل وارو بيان به منظر عام تي اچي ويو. ملڪ جا ادارا قابل احترام آھن ته پوءِ  هڪ ماڻھو جي زبان کي ايڏي ڇوٽ ڇو مليل آھي؟ ادارن جي بي وسي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ايڪس واءِ جي ذڪر کان وٺي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري تي ٿيل حملي تي خاموشي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ هڪ ماڻھو جا حمايتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ڪنهن کي گاريون ڏين گهٽ وڌ ڳالهائن مجال آھي جو سندن لفظن کي سينسر ڪيو وڃي. آخر اهو ڪهڙو ڪيميائي نسخو آھي جنهن جي بدولت سندن لفظن مان ڪوڙاڻ ختم ٿي وڃي ٿي؟

ملڪ جي موجوده حالتن کان پوءِ  ائين محسوس ٿئي پيو بس هرڪو اچي ڦاسي پيو آھي. حڪومتي ڌر حڪومت ۾ اچي ڦاٿي آھي ته نيوٽرل رهڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارا طاقتور نيوٽرل رهي ڦاسي پيا آھن. انهن سڀني کي پريشان ڪرڻ وارو بس رڳو هڪڙو ئي ماڻھو آھي جنهن جون فرمائشون به پوريون ٿينديون رهن ٿيون ته ڪير کيس هٿ به نه ٿو لائي سگهي.

اهڙي صورت ۾ نواز شريف کان سواءِ  نئين اليڪشن نواز ليگ لاءِ  تمام مشڪل ٿي وئي آھي. پ پ پ جي کچڙي به سٺي انداز سان اڃا نه پچي سگهي آھي. عمران خان وري موجوده سڪندر سلطان جي سربراهي ۾ اليڪشن وڙھڻ لاءِ  تيار ناهي. خود اليڪشن ڪميشن نين چونڊن لاءِ  تيار ناهي. سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن.ملڪ جون نگاهون نومبر ۾ کتل آھن ان کان سواءِ  آءِ ايم ايف ۽ ٻين دوست ملڪن مان ملندڙ امداد ۾ به سڀ جون نظرون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.