پنجاب جو حڪومتي گهوٽالو ۽ ملڪ کي پهچندڙ هاڃو

ملڪ ۾ سياست اھڙو رخ اختيار ڪيو آھي جو بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نھ پيو وٺي،جيتوڻيڪ چوڻ جي لاءِ قانون ٺاھيندڙ ،قانون جي تشريح ڪندڙ ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادار موجود آھن پر ملڪ ۾ صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان خراب کان خراب تر ٿي رھي آھي.

اھو درست آھي تھ اڄ جيڪو ڪجھھ بحران جي روپ ۾ اسان کي ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ان جو بڻ بنياد گھڻو پراڻو آھي پر ڪا بھ ڌر ان کي گھٽائڻ يا وري ان کي روڪڻ جي  لاءِ ڪنھن بھ سطح تي ڪا مثبت ڪوشش ڪندي نظر نھ پئي اچي.

گذريل ڏينھن پنجاب ۾ وڏ وزارت جي لاءِ عدالت جي حڪم تي ڪرايل چونڊن ۾ جيتوڻيڪ اپوزيشن جي ڌر پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار کي عددي اڪثريت ھئي،ان ھوندي  چونڊن جي لاءِ مقرر پرزائيڊنگ آفيسر۽ ايوان جي ڊپٽي اسپيڪر تازي عدالت جي ڏنل فيصلي جي روشني ۾ مسلم ليگ قاف جي سربراھھ جي خط کي بنياد بڻائي مسلم ليگ قاف جي  ڏھن ئي ووٽن کي رد ڪندي وڏ وزارت واري ھن وڏي ۾ وڏي معرڪي کي مسلم ليگ ن جي حق ۾ ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي وڏ وزارت واري ھاڻوڪي چونڊ جيڪا عدالت جي ڏنل فيصلي موجب منعقد ڪرائي وئي ھئي ان سان اھا اميد پيدا ٿي ھئي تھ ھن مرحلي مڪمل ٿيڻ بعد  ملڪ جو سياسي بحران ختم ٿي ويندو ۽ ان سان سياسي عمل ھلي پوندو پر بدقسمتي سان ھن ملڪ ۾ سياست جي نالي ۾ ايترا ويڇا وڌي ويا آھن جو ھاڻي ان جي وڇوٽي ختم ٿيڻ جو ويجھڙائي ۾ ڪو امڪان نظر نٿو اچي، جنھن سان نھ رڳو سياست پر زندگيءَ جي ھر شعبي تي اثر پئجي رھيو آھي، جمھوريت جي دعويٰ ڪندڙ ڌريون سرعام جمھوري قدرن،اصولن،قانونن ۽ آئين ۾ ڄاڻايل واٽ وٺڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھن.

ھن بحران جو ھڪ ٻيو دلچسپ پاسو اھو آھي تھ ھر ڪو ماڻھو پنھنجي پسند جو سچ ٻڌڻ چاھي ٻئي جي ھر ڳالھھ کي ڪوڙ قرار ڏيڻ لاءِ دليل بجاءِ لٺ ۽ ڌڪي جو سھارو وٺي رھيو آھي،نتيجي ۾ سموري معاشري ۾  انارڪي ۽ ڇڙواڳي ڪاھي پئي آھي،ڌريون جيڪي پاڻ کي جمھوري پارٽيون قرار ڏين ٿيون انھن جي اندر ۾ ڪي بھ جمھوري رويا سگھارا نھ ھئڻ ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ جنم وٺي رھيو آھي.

پنجاب ۾ وڏ وزارت جي اليڪشن جي حتمي ڳڻپ ۾ ڪاميابي واضح ٿي وئي جنھن موجب  مسلم ليگ (ق) جي چوڌري پرويز الاهي کي 186 ووٽ مليا ھئا، ان جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمزا شهباز کي 179 ووٽ مليا ھئا.ان  بعد يڪدم ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري  ڪل وڌل ووٽن  مان مسلم ليگ (ق) جا 10 ووٽ رد ڪرڻ وارو  عجيب فيصلو ڪيو، جنھن سان  چوڌري پرويزالاھي  جي فتح شڪست ۾ بدلجي وئي.

ھن وقتي فتح سان  اصل ڌڻين ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ کي وڌيڪ بحران ڏانھن ڌڪو ڏئي ڇڏيو ،جنھن جا نتيجا آھستي آھستي ظاھر ٿيڻ شروع ٿيندا، پھرين تھ اسميبلي جو اجلاس ٽي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ سادي لباس ۾ پوليس اهلڪار قطار ٺاھي ڊپٽي اسپيڪر جي پويان بيٺل ھئا، جيئن سندس حفاظت کي ممڪن بڻائي سگھجي، اھو ايوان کان وڌيڪ ڪنھن جرڳي جو منظر لڳي رھيو ھو، اھو بھ گھٽ ڀوڳ ناھي جو ھاڻي عوام جا چونڊيل ميمبر  خود کي ايوان اندر غيرمحفوظ سمجھن ٿا.

ڪارروائي شروع ٿيڻ جي ڪجھھ ئي گھڙين اندر ان وقت ايوان ۾ ٻڙڌڪ متو جڏھن اھا خبر آئي تھ ڊپٽي اسپيڪر کي مسلم ليگ قاف جي اڳواڻ جو خط پھتو آھي جنھن جي تصديق جي لاءِ مونس الاھي کي تڙتڪڙ ۾ چوڌري شجاعت وٽ وڃڻو پيو،جنھن واپس اچي ميڊيا کي ٻڌايو تھ برابر مسلم ليگ ق جي سربراھ چوڌري شجاعت پنھنجي پارٽي جي ميمبرن کي منع ڪرڻ ڇڏي آھي تھ اھي سندس والد ۽ وڏ وزارت جي اميدوار کي ووٽ نھ ڏين.

ان سلسلي ۾ ڪجھھ ڏينھن کان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاھور ۾ سرگرم ھو. جنھن  مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪري ڪي ڏوراپا بھ ڏنا ۽ نئين سري سان بھ آڇ ڪئي.جنھن موجب ھو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حمايت سان  چوڌري پرويز الاھي کي  وڏ وزارت جي لاءِ  اميدوار بڻائڻ چاھين ٿا،ھن اھو بھ چيو تھ جڏھن ھنن پھرين اھڙي آڇ ڪئي تڏھن پي ٽي آءِ چوڌري پرويز کي ان سيٽ جي لاءِ اميدوار ڪيو آھي.

اھڙن لڳاتار سياسي مشورن سان صورتحال نئون رخ اختيار ڪندي وئي جنھن جو اظھار گذريل ڏينھن صوبائي اسيمبلي جي ايوان ۾ ڏسڻ ۾ آيو.مسلم ليگ ق جي پارلياماني پارٽي اتفاق راءِ سان چوڌري پرويز جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر چوڌري شجاعت جي پارٽي سربراهه طور فيصلي کي ڊپٽي اسپيڪر قبول ڪندي انھن کي خارج ڪري ڇڏيو.

ھن وقت جي حالتن مان لڳي ٿو تھ حڪمران اتحاد ھن ڪاميابي تي ٿورو خوش ٿي رھيو آھي پر ملڪ جي سمورن بحرانن تي نھ  ھنن ڪو  ھوم ورڪ ڪيو  آھي نھ ئي ان جو ھنن کي ڪو اونو آھي. سياسي معاملي ۾ عدالتي مداخلت سان ھڪ ٻئي غير ضروري تڪرار جي شروعات ٿيندي.جنھن جا ڪي بھ ھاڪاري نتيجا نھ نڪرندا.ھي ملڪ ھاڻي ھڪ اھڙي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رھيو آھي جنھن مان ڪڍڻ جي لاءِ سموريون ڌريون جيڪڏھن  سنجيدھ نھ ٿيون تھ ملڪ کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿي سگھي ٿو.

ملڪ تي قابض ٿيندڙ ھر اشرافيا ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جي جو رشتو ختم ٿي رھيو آھي.معاشرو وڌيڪ ڇڙوڇڙ ٿي رھيو آھي، ھاڻي تھ سموري سياست ئي ڄڻ ڪجھھ ڌرين جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ٿي رھي آھي عام ماڻھون اڳي جيان وري بھ ساڳين سورن ۾ آھي،سو ھاڻي بھ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين ھوش کان ڪم نھ ورتو ۽ سياستدانن سميت ملڪ جي ھر شعبي انھن معاملن جو تڪڙو حل نھ ڪڍيو تھ پوءِ روز روز جو بحران ڪو بھ رخ اختيار ڪري سگھي ٿو جنھن جو ٿيندڙ نقصان سڄي سماج کي ڀوڳڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.