موهن جي دڙي جو رکوال، پرڏيهي آرڪيالاجسٽ مائيڪل جانسن جو لاڏاڻو

تحرير: جميلچانڊيو

دنيا هڪ عظيم اسڪالر ۽ ماهر آثار قديمه کان محروم ٿي وئي، پروفيسر مائيڪل جانسن پاڪستان دوست شخصيت ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جرمن پاڪستان فورم سان وابستا رهيو، پروفيسر جانسن 2019 کان فورم جي صدر جي حيثيت سان پنهنجي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، مائيڪل جانسن پاڪستاني ثقافت ۽ قديم آثارن بابت خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، بلخصوص هن موهن جو دڙو تي گذريل پنجن ڏهاڪن کان تحقيقي ڪم ڪيو ۽ دنيا آڏو سنڌ جي هن عظيم ۽ قديم کنڊر کي دنيا آڏو نروار ڪيو، سنڌو ماٿري جي تهذيب تمندن، رهڻي ڪهڻي ۽ سولائيزيشن بابت نمايان خدمتن جي مڃتا طور تي صدارتي ايوارڊ 2019ع ۾ پڻ مليو ۽ ستارا امتياز جهڙو قومي ايوارڊن سان نوازيو ويو، هن کان اڳ به 1987ع ۾ ستارا امتياز جو ايوارڊ ماڻيو، اهڙي طرح پروفيسر جانسن ٻن قومي اعزاز ماڻيا ۽ امتيازي گروپ ۾ پڻ شامل ٿيو، پروفيسر جانسن اهو پهريون پرڏيهي آرڪيالاجسٽ هو جنهن کي سنڌو ماٿري تي تحقيق عيوض پاڪستان سرڪار پاران مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، هن پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو موهن جو دڙو جي تحقيق ۾ گذاريو، سندس پاڪستان جي ٻين قديم آثارن ۾ به سندس خدمتون ڪنهن مڃتا کان گهٽ نه آهن، پروفيسر جانسن پاڪستان جي ثقافت ۽ آثار قديمه سان بي پناهه ۽ لازوال محبت جو ثبوت سندس پڙهندڙن ۽ هن شعبي سان ڄاڻ رکندڙ طبقي وٽان ملي ٿي.

پروفيسر مائيڪل جانسن جرمني جي بون يونيورسٽي مان 1967ع فزڪس ۽ رياضي جي تعليم حاصل ڪئي، هو 1968ع ۾ آر ڊبليو ٽي ايڇ آخن يونيورسٽي ويو ۽ 1973ع  تائين فن تعمير ۽ تعميراتي تاريخ جو پڻ مطالعو ڪيو، پروفيسر مائيڪل جانسن 1974ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ روم يونيورسٽي ويا، جتي انهن فن تعمير جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ هڙاپا ثقافت جو فن تعمير جي عنوان سان هڪ تحقيقي پيپر ذريعي ڊاڪٽريٽ جو اعزاز 1979ع ۾ حاصل ڪيو، هو بطور پراجيڪٽ ليڊر طور 1978ع کان 1987ع تائين جرمن ريسرچ گروپ جي سهڪار سان موهن جو دڙو جي تحقيقي منصوبي تي پڻ ڪم ڪيائين، جڏهن ته 1988ع کان 1993ع تائين آخن يونيورسٽي ۾ بحيثيت ليڪچرار طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون،

پروفيسر جانسن ڪيترن ئي منصوبن تي تحقيقي ڪم ڪيو، پروفيسر جانسن هڪ ئي وقت ٽي ڪتاب لکيا، پاڪستان ۾ آثار قديمه سائٽس جو ثقافتي ۽ سياحتي دورا ۽ دفاع عامه جي پراجيڪٽس تي پڻ ڪم ڪيو، هو موهن جو دڙو کوٽائي واري سئو سالا تقريب ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم هو، پروفيسر جانسن موهن جو دڙو جي 100 سالا کوٽائي جي ياد ۾ موهن جو دڙو 3D ماڊل تي پڻ ڪم ڪيو، پروفيسر جانسن هڪ عهد ساز شخصيت طور دنيا جي سامهون آهي، قصو اڃا اتي ختم نه ٿو ٿئي هو هڪ غير ملڪي ٿي ڪري سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيا، پروفيسر مائيڪل جانسن جي خدمتون سنڌ بابت وساري نه ٿيون سگهجن جنهن سبب هن سنڌ ۽ ملڪ جي کوجناتي عمل کي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري ۽ دنيا کي موهن جي دڙي بابت اهم معلومات فراهم ڪئي ته سنڌي قوم پنج هزار سال اڳ دنيا جي سولائيزيشن طور تي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ هئي، جرمن پاڪستان فورم جو صدر هو،

ڪجهه ڏينهن اڳ پروفيسر ڊاڪٽر مائيڪل جانسن جي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو جنهن، سندس چاهيندڙ خاص ڪري آرڪيالاجي جي حلقي تمام گهڻي ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو، جرمن پاڪستان فورم جي پليٽ فارم تان سندس مڃتا طور تي تعزيتي ريفرنس جرمن ۾ پڻ ڪوٺايو ويو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.